اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئ?? ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي ??عبن ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لينڊ جي لاءِ پاڪستان جي ??عزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ فن لينڊ – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين بائيو وائما، وارسلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي ??ي اينڊ ميٽرو ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم چيو ته فن لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئ?? ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي ??عبن ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي ??مل ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ??وڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ جي ??عبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ توانائي خاص طور تي سولر انرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، ??وڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي ??عبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان ۾ فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.