اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت پاڪستان جي ائٽمي کان اقتصادي طاقت تائين جي سفر کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۽ دنيا ۾ ان کي اهم مقام ڏيارڻ جي ??اءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن حڪومت پاران ملڪ ۾ اقتصادي استحڪام آڻڻ ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مصروفيتن جي ذريعي وڌائڻ جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته انهن ڪوششن جي ??تيجي ۾ سال 2025ع ۽ 2026ع جي ??اءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان جي ??ن سالن جي ??دي جي شروعات ٿي آهي. نائب وزيراعظم مختلف ملڪن سان اعليٰ سطح جي ??ٽاسٽا ۽ عالمي تقريبن ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ميزباني جو حوالو ڏيندي چيو ته حڪومت پنهنجي شروعاتي 10 مهينن دوران پاڪستان جي سفارتي رابطن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان تاثر کي دفن ڪيو ته پاڪستان اڪيلو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار چيو ته مس??م ليگ (ن) جي ??يادت هيٺ اتحادي حڪومت کي اٽڪل 25 سيڪڙو پاليسي ريٽ، جي ڊي پي جي سست واڌويجهه جي شرح ۽ آسمان کي ڇُهيندڙ مهانگائي جا وڏا چئلينجز ورثي ۾ مليا جڏهن ته حڪومت جي دانشمنداڻي اقتصادي پاليسين پاليسي ريٽ کي 13 سيڪڙو، نا??ي واڌ 5 سيڪڙو کان گهٽ ۽ مٽاسٽا جي ??اڻي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي غيرملڪي دورن بشمول گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت ۽ آذربائيجان جي ??يادت سان موثر رابطن کانپوءِ پاڪستان ۾ اٽڪل 29 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جا اشارا مليا آهن. هن نيوڪليئر انرجي سمٽ، سعودي عرب ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم، گيمبيا ۾ او آءِ سي سربراهي اجلاس، سعودي پرڏيهي وزير ۽ ايران جي صدر مرحوم ابراهيم رئيسي ۽ ان جي ??رڏيهي وزير جي ??اڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوران ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان موثر طريقي سان ڪشمير مسئلي ۽ اسرائيل پاران فلسطنين جي جاري نسل ڪشيءَ جي ??سئلي کي اٿاريو. هن چيو ته گيمبيا ۾ او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي ??سلسل ڪوششن جي ڪري اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي ايلچي جي ??قرري ٿي. هن چيو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن فلسطين بابت گڏيل قومن جي ??راردادن ۽ ان مسئلي تي او آءِ سي جي ??يصلي تي عملدرآمد جي ڀرپور وڪالت ڪئي، ان کانسواءِ بيگناهه ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي ڏاڍ جي ??ذمت ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار چيو ته فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جي ??يزباني کانسواءِ پاڪستان غزه، شام ۽ لبنان ۾ پڻ امدادي سامان روانو ڪيو. نائب وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت، وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي چين جي دوري ۽ قازقستان، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن برطانيا جي ??رڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن بابت چيو ته برطانيا جي ??ڪ مانيٽرنگ ٽيم هلندڙ مهيني جنوري ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ واري آهي جيڪو برطانيا جي ??اءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ڇو ته يورپي يونين اڳ ۾ ئي پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي ??ڪ وزير جي غيرسنجيده بيان جي ڪري پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هنئي وئي جنهن سان قومي فضائي ڪمپني کي 87 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي ??يزباني کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ ساراهيو ويو. سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار چيو ته ورلڊ مس??م ليگ جلد ئي اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪندي جنهن ۾ او آءِ سي جي 30 ميمبر ملڪن جا وزير ۽ 50 نمائندا شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم هن سال فيبروري ۾ ملائيشيا ۽ بنگلاديش جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پنهنجي ??ن سالن جي ??دي جي شروعات ڪئي آهي، پاڪستاني سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ تڪرارن جي حل سميت گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان 2018ع ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو پر گذريل حڪومت جي افغان سرحد کي کولڻ ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جي ??اليسي جي ڪري دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو آهي. هن چيو ته اسان افغانستان سان سٺا واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا ڇو ته اهو ازبڪستان جهڙن ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطن جي راهه هموار ڪندو. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد جي ??اءِ ماحول پيدا ڪري.