اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مس وينڊي گلمور سان ملاقات دوران چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا، فلم ۽ ”ڪوپروڊڪشن“ سخت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان جي خوا??ش آهي ته ان جون فلمون ڪينڊا جي اسڪرينن جي زينب بڻجن ڇو ته اتي اردو ۽ پنجابي ناظرين جو هڪ وڏو تعداد رهندڙ آهي.