اسلام آب??د ?? 14 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده تازي صورتحال ۽ ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي او سي موجب منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ا??د عمر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. فورم هيستائين جي اڳڀر??ئي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو ??نڪ ذريعي شرڪت ڪئي.