اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستانين جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، انسانيت جي خدمت جو اهو ئي جذبو اسان جي معاشري جي اصل طاقت ۽ خوبي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر فيصل جاويد س??ن ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مسلم??ن ملڪن جي وچ ۾ تهذيب ۽ ثقافت ۽ فنون لطيفه جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ضرو??ت ان ڳالهه جي آهي ته انسانيت جي احترام ۽ احساس تي ٻڌل قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي.