اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪيو ويو، هن وقت پي آءِ اي سميت سيرين ايئر لائين ۽ ٻين نجي ايئر لائنز جا پائليٽس ڇنڊڇاڻ جي عمل مان گذري چڪا آهن ۽ تصديق ٿيل ڊگريون رکندڙ آهن، عوام اعتماد رکي، جهاز اڏائيندڙ سمورا پائليٽس جانچ کانپوءِ ڪليئر آهن، پي آءِ اي سميت سمورن ادارن جي ساک بحال ڪنداسين، جنهن اداري کي هٿ لڳايون ٿا ان ۾ مسئلا آهن، وفاقي وزير ??يد علي زيدي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح مسافرن جو تحفظ آهي، سول ايوي ايشن جي لائسنسنگ اٿارٽي جي پنج خاص ماڻهن کي معطل ڪيو وي?? آهي، ضابطي جي خلاف ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، احتساب جو عمل سدائين مٿان کان شروع ٿيند?? آهي، گذ??يل 10 سالن ۾ ٻنهي حڪومتن ملڪي تشخص کي نقصان پهچايو، پيپلزپارٽي کي عوام کان ڦ??يل ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو جواب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا، شاهد خاقان عباسي 20 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جي معاملي جو اڃان تائين جواب ناهي ڏنو، اسان جي ڪوشش آهي ته کنڊ جي قيمت عوام جي پهچ ۾ رهي، اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.