اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته هائوسنگ منصوبي ??ان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ڇت ميسر ايندي، تعميراتي شعبي ۾ 400 ارب روپين جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سيڙپڪارن لاءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا بهترين موقعا آهن، هائوسنگ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ذريعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احساس پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سين??ٽر شبلي فراز چيو ته ڪور??نا جي ڪري اسان جي ماڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏسڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏسڻي پئي، هن چيو ته ڪور??نا کان اڳ معاشي صورتحال بهتر ٿي، جيتوڻيڪ ڪور??نا وبا جي ڪري معيشت تي اثر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي مشڪلاتن کان ب??ائڻ لاءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي راب??ا ڪميٽي جي اجلاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.