اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 583 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آي?? ۽ 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 168 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 94، پنجاب ۾ 10 هزار 712، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 797، اسلام آباد ۾ 5 هزار 398 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 274 ، گلگت بلتستان ۾ 444، آزاد ڪشمير ۾ 449 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??داد 3 لک 2 هزار 375 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽ??ز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽ??ز تي ڪووڊ 19 جا 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو ت??داد 8 هزار 15 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو ت??داد 3 لک 16 هزار 934 آهي.