اسلام ??باد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ماضيءَ جا معاهدا قوم ڀوڳي رهي آهي پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ڪيو، حڪومت معاشي بهتريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن بهتري ۾ وقت لڳندو. وفاق?? وزير مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفر??س کي خطاب ڪندي هن و??يڪ چيو ته قيمتن ۾ استحڪام ??ڻڻ حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فرق جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.