اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پا??ست??ن تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت قو??ي دولت ڦرڻ ۾ ملوث بدعنوان اڳواڻن کي رليف يا اين آر او نه ڏيندي. هن نجي ٽيليويزن چئنل جي هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته مافيا متحد ٿي رهي آهي جيڪا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت کي مايوس ڪرڻ جي لاءِ گجرانوالا ۾ جلسو ڪندڙ پا??ست??ن ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شرڪت ڪندڙ ماض?? ۾ ??ڪ ٻئي جي خلاف گار گند جو استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي انهن شرڪت ڪندڙن کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو هڪ ٻئي جي شناخت لڪائڻ جي لاءِ چهرن تي رومال رکن. سينيٽر فراز بيان ڏنو به جلسن ۾ شرڪت ڪندڙن سينيٽائيزر، نقاب ۽ پاڻي مهيا ڪيو ويو هو، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، جيڪ?? طبي علاج مان لطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ لنڊن ويو هو هاڻي اتان کان سياست ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پا??ست??ن پيپلزپارٽي ۽ پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پنهنجي 40 سالن جي عرصي حڪمراني ۾ سڌارا نه آڻي سگهيا هئا، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن اڳواڻن کي رليف نه فراهم ڪندي جيڪي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي معاملن ۾ ملوث آهن.