اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي ناميارن روانگ?? و??پارين جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاق?? و??يرن محمد حماد اظهر، سيد علي زيدي، فيصل واوڊا، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزري، فشريز، گارمنٽس، فارماسوٽيڪل انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وفد روانگ?? و??پار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن ت?? و??يراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ??ه حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو ??هي جنهن جي نتيجي ۾ معاشي عمل ۾ تيزي آئي آهي.