اسلام آباد – 31 – ڊس??بر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي ??او??ود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، ق??مي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊس??بر 2020ع تائين ق??مي اسيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپيڪر اس?? قيصر چيو ته صرف موثر قانونسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سم??جي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چئلينجن جي ??او??ود 2020ع ۾ ق??مي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا مي??بر موثر قانونسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا، اسپيڪر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي بري طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينجن جي ??او??ود ق??مي اسيمبلي ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان ق??مي اهميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سم??جي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع دوران ايوان جي قانونسازي جي شعبي ۾ ايوان جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.