ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پرل ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا ??والي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آمريڪي پرڏيهي وزير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا ??طي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت تف??يلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پرل جي قاتلن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته ڊينئل پرل جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ??ان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت تف??يلي بريفنگ ڏني. مان هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپ??ن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.