اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن پنهنجي جانبازن، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين ??يش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قوم کي پنهنجي شهيدن تي سدائين فخر رهندو، جن ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڀارت پاڪستان ۽ علائقي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي بهادر قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته زندهه قومون آزمائشن مان گذري اڃا وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. 1965ع ۾ جڏهن دشمن اسان جي آزادي ۽ بقاءَ کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستاني قوم مضبوط جبل وانگر ان جي آڏو ڄمي وئي. 6 سيپٽمبر تي ڀارت پاڪستان تي اڻ اعلانيل جنگ مڙهي ته پوري قوم وطن جي محافظن جي حمايت ۾ اٿي بيٺي، ڪيترائي ماڻهو پيادل ئي سرحدن طرف هلي پيا. قومي هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي ان عظيم مظاهري اسان جي بهادر هٿياربند فو?? جي جذبن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ دشمن جي خلاف ان بي خوفي سان وڙهي ته دنيا ۾ ان جو ??ثال نه ٿو ملي. اسان جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ پائليٽن دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهي، ڀلي ان جي لاءِ انهن کي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. اهي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جرئت ۽ بهادري سان وڙهيا ۽ عظيم قربانيون ??يش ڪندي ملڪ جي دفاع جو ??رض نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن هر سال اسان کي پنهنجي هيروز، هٿياربند فو?? جي جانبازن ۽ خاص طور تي انهن شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين ??يش ڪرڻ جو ??وقعو فراهم ڪري ٿو، جيڪي سدائين کان قوم جي اميد ۽ فخر رهيا آهن. اسان ملڪ جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪندڙ قوم جي انهن بهادر فرزندن کي سلام ??يش ڪريون ٿا. اسان شهيدن جي فيمليز کي به خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا جن پنهنجي پيارن کي ملڪ تي نڇاور ڪري ڇڏيو. اڄ هي ڏينهن ملهائيندي آئون اهو چوندس ته دشمن ڪڏهن به پرامن گڏ??ل بقاءَ جو ??ظاهرو نه ڪيو. پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان پاڪستان تي ڪيتريون ئي جنگيون مڙهيون آهن. 1948ع، 1965ع يا 1971ع هجي يا ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل دهشتگردي جي خلاف جنگ، پاڪستان جي اندر تخريبي سرگرميون هجن يا پوءِ سائبر وار فيئر جي ذريعي پروپئگنڊه، دشمن اسان جي خلاف ڪارروايون ڪندو آيو آهي، بدقسمتي سان م??ضي ۾ ڀارت افعان سرزمين کي پاڪستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ استعمال ڪندو رهيو. اڄ جي ڏينهن اسان انهن ڪڌا حربا اختيار ڪندڙ عنصرن جي مذمت ڪندي پنهنجي بهادر فوج کي خاص طور تي ملڪ جي لاءِ انهن جي لازوال قربانين کي خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا. عالمي دنيا کي ان جارحاڻي رويي تي ڀارت کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. اسان کي فخر آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو آهي. دنيا ڄاڻي وئي آهي ته ڪهڙي طرح هو علائقائي ۽ خاص طور تي پاڪستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. اسان جي حڪومت جي موثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري عالمي برادري هاڻي ڄاڻي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح ڀارتي حڪومت پوري ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهي آهي. اها ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته امن جو ??احد رستو ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل آهي. ڀارت کي جلد يا دير سان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. اسان ڀارت جو انتهاپسنداڻو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪندا رهنداسين. عالمي برادري جون معتبر ڌريون، امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي تسليم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري هرگز نه سمجهيو وڃي، پر هن خطي جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ بهتري جي لاءِ ان جو جواب انهي مثبت انداز ۾ ڏيڻ گهرجي. اڄ جي ڏينهن آئون پنهنجي بهادر هٿياربند فوج کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان يڪجهتي جو ??ظاهرو ڪندي پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. اسان جي حوصلي واري قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي نه رڳو ڀرپور صلاحيت رکون ٿا پر ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اچو، سيپٽمبر جنگ جي ولولي انگيز جذبن کي پنهنجي دلين ۾ سدائين تازو رکون. اهو جذبو اڳتي در??يش سمورن چئلينجز ۾ سرخرو ٿيڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اچو، پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت ??يش ڪندي ان وچن کي ورجايون ته اسان ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ بقاءَ جو تحفظ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.