ڪر??چي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪر??چي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ڪر??چي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آهي، ڪر??چي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪر??چي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي ??اهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي ??يدي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪر??چي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آهي، ڪر??چي جي اهميت به اهڙي طرح آهي پر بدقسمتي سان ماضي ۾ جڏهن ڪر??چي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪر??چي جي ترقي جي لاءِ ڪر??چي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪر??چي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪر??چي جي ترقي صرف ڪر??چي جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند آهي، هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري ??چي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪر??چي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آهي، ڪر??چي جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪر??چي کي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪر??چي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪر??چي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوبي سان ڪر??چي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ سان مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪر??چي ۾ به منصوبن جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ڪر??چي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪر??چي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آهن ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪر??چي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آهي، اميد آهي ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .