اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغان عوام جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي و?? ۾ ??فدن جي سطح تي ڳالهيون پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وفد جي قيادت ڊينمارڪ ج?? پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهي?? ۾ ??ه طرفي لاڳاپن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي ذريعي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي و?? ۾ ??ابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديل?? جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني رابطن جي فروغ جو سبب آهي، پرڏيهي وزير افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هم آهنگي آهي،
هن چيو ته افغانستان ۾ ت??زي تبديل?? جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾، پاڪستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغانستان جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي افغانستا?? ۾ ??دم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽ?? جي صورتحال ۾ بهتر?? جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏيهي وزير ڊينش شهرين جي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد ت?? پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.