اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن.
اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار جه??م جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ نيب جي تازي آرڊيننس سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وڪيل برادري وفاقي وزير کي جه??م ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊز جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وڪيلن چونڊ سڌارن ۽ اي??دڙ اليڪشن اي وي اي?? تي ڪرائڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وڪيلن کي نيب (ٻيو ترميمي) آرڊيننس 2021ع جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته صدر آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اهو آرڊيننس جاري ڪيو، آرڊيننس جي ذريعي صدر مملڪت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ??ي مشاورت سان احتساب عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، پراسيڪيوٽر جنرل جي اختيارن کي وڌايو ويو آهي، ان آرڊيننس تحت ضمانت جا اختيار ماتحت عدالتن وٽ هوندو. هن چيو ته اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊين??س ۾ شامل آهن.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيلن ??ي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، ڊسٽرڪٽ بار جه??م لاءِ نوان چيمبرز ٺاهيا ويندا، نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام مان قرض ڏنا ويندا. وڪيل برادري کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي تي به غور ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير وڪيلن کي جه??م ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته جه??م درياءُ جي ويجهو جديد تفرحي پارڪ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته الله کان پنڊداد خان ۽ جه??م روڊ جي ٻن لائين وارو ڪرڻ ??ي منصوبي سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، 126 ڪلوميٽر ڊگهي الله کان جه??م تائين ٻن لائين واري روڊ جي تعمير تي 16 ارب روپين جي لاڳت اي??دي، وڪيل برادري علائقي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ??ي منصوبن جي آغاز تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب فيصل چوڌري ۽ سرفراز چوڌري جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊسٽرڪٽ بار جه??م جي صدر راجا توقير احمد خان، جنرل سيڪريٽري راجا نصر الله وسيلم، جوائنٽ سيڪريٽري چوڌري آصف بشير ايڊووڪيٽ، پنجاب بار ڪائونسل ??ي ميمبر راجا ظفر اقبال، ڊسٽرڪٽ بار جه??م جي اڳوڻي صدر چوڌري عبدالرشيد گوندل، پنجاب بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ارشد محمود جنجوعه ايڊووڪيٽ شامل هئا.