اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عبادتگاهن جي لا??ِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? اهڙي و??ت ۾ جڏهن هندستان جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر اچي ٿي، جسٽس گلزار جهڙن ججن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، ??وڌري فواد حسين چيو ت?? پارليامينٽ کي نون ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائي ٿي ته اهو ت??ام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.