فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ حڪومت جو شاندار فلاحي قدم آهي ۽ هن وقت تائين 20 لک ماڻهن ان مان لاڀ پرايو ۽ 46 ارب روپين جي ڪليمز جي ادائيگي ٿي چڪي آهي جڏهن ته فيصل آباد جي 32 لک گهراڻا به ان مان لاڀ پرائيندا. هو فيصل آباد ڊويزن جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي تي مشتمل 32 لک خاندانن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جي غرض سان وزيراعظم عمران خان جي زرعي يونيورسٽي فيصل آباد آمد جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ آجي??ڻي وارو خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، صوبائي وزير ظهير الدين خان، ميان خيال ڪاسترو، حافظ ممتاز، اجمل چيمه، فيصل آباد ڊويزن جا سمورا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر، اهم بيورو ڪريٽس، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس عملدار، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز ۽ مختلف مڪتب فڪر جا اهم ماڻهو به موجود هئا. هن چيو ته ??ڄ جو ڏينهن فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلعن، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ چنيوٽ جي هر گهر??ڻي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي ته ??ڄ وزيراعظم عمران خان اسان جي وچ ۾ موجود ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هر گهر??ڻي کي 10 لک روپيا ماليت جي يونيورسل هيلٿ انشورنس جو نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو آغاز ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ??مران خان جنهن شيءَ جو ارادو ڪيو اهو ڪري ڏيکاريو. هن ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ کٽيو، پنهنجي والده کي تڪليف ۾ ڏسي ٽي ڪينسر اسپتال ٺاهيون ۽ ه??ڻي دکي انسانيت جو احساس ڪندي دنيا جي تاريخ جو سڀ کان و??و هليٿ پيڪيج متعارف ڪرايو جنهن ۾ نه ڪو پنهنجو ڏٺو نه ??رايو، نه غريب نه امير نه ??وٽر نه سپورٽر پر هر شهري کي برابري جي بنياد تي هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي شروع ڪئي وئي جيڪا مديني جي رياست جي سڀ کان اهم خاصيت هئي. هن چيو ته هن وقت تائين پنجاب، اسلام آباد ۽ ڪشمير جا 20 لک ماڻهو هيلٿ ڪارڊ مان لاڀ پرائي چڪا آهن ۽ 46 ارب روپين جي ڪليمز جي ادائيگي به ٿي چڪي آهي. فرخ حبيب چيو ته ماضي ۾ ڪنهن جي پيٽ ۾ درد ٿيندو هو ته هو آمريڪا، لنڊن، دبئي وڃي قومي خزاني جي لُٽ مار جي رقم مان پنهنجو علاج ڪرائيندو هو پر انهن ڀڳوڙن جي ابتڙ عمران خان جو جيئڻ مرڻ عوام سان گڏ آهي ان لاءِ حڪومت اعليٰ ترين 900 اسپتالن کي هيلٿ ڪارڊ پينل تي رکيو جنهن مان 18 ڪروڙ آبادي تي مشتمل 4 ڪروڙ کان و??يڪ خاندان لاڀ پرائيندا. هن چيو ته ??مران خان جا چار قدم اهڙا آهن جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيا پيو وڃي ان ۾ بلين ٽري سونامي پروگرام، 260 ارب روپين جو احساس پروگرام، ڪووڊ دوران ڪاروباري نظام زندگي جاري ۽ ساري رکڻ جو انتظام ۽ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ شامل آهن، جنهن ۾ صرف پنجاب ۾ 400 ارب روپين جو هيلٿ ڪور فراهم ڪيو ويندو جڏهن ته ??هو ڪم نواز شريف ۽ شهباز شريف جهڙا ڀڙڪيون هڻندڙ به نه ڪري سگهيا. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ سردار عثمان بوزدار جي نگراني هيٺ 750 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ سان انقلابي قدمن ۽ تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي عمل جاري آهي، ماءُ ۽ ٻار جون 8 اسپتالون ٺهي رهيون آهن، سوين اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، 19 يونيورسٽيون ٺهي رهيون آهن ۽ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي دور ۾ کنڊر بڻجندڙ رستن جي اربين روپين سان تعمير شروع آهي، ان طرح مٿي تي ٽوپي ۽ پيرن ۾ ڊگها جوتا پائي شوبازي ڪرڻ وارن جي ابتڙ عثمان بوزدار خاموشي سان سڀ کان و??يڪ ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي لحاظ کان هو سڄي ملڪ ۾ پهريون پوزيشن تي آهي، هن چيو ته ??ن چورن ۽ ڦورئن گڏجي واري واري سان ملڪ کي لُٽيو ه??ڻي انهن جي جاءِ ايوانن ۾ نه ??ر زندانن ۾ آهي، فرخ حبيب چيو ته ??مران خان اسان جي ۽ ملڪ ۽ قوم جي آخري اميد آهي ان لاءِ اسان کي گڏجي عمران خان کي مضبوط بڻائڻوپ وندو ته ??يئن ملڪي تعمير ۽ ترقي ۽ عوامي ڀلائي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رهي سگهي، هن چيو ته ??مران خان پهريون وزيراعظم آهي جيڪو عوام لاءِ سوچي رهيو آهي ۽ عمران خان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي، هن چيو ته ??هي ماڻهو جيڪي ڪڏهن پرائيويٽ اسپتال ۾ وڃڻ جو سوچي به نه سگهندا هئا ه??ڻي اهي علاج ڪرائيندا ۽ خرچ عمران جي حڪومت ادا ڪندي.