اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سان يڪجهت?? جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق جي لاءِ 7 ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب خودمختيار?? جو حق م??ڻ تائين ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي ت?? جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.