اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪابينا ??جلاس جي آغاز تي ميمبرن وزيراعظم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جهڙي طرح هن شاندار قيادت جي ذريعي مشڪلاتن ۾ گهيريل ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو ۽ ڪووڊ 19 کي منهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان قابل تقليد ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏيل ق??من ۾ وزيراعظم نهايت جرائتمنداڻي انداز ۾ ڪشمير مس??لي کي اجاگر ڪيو، ڪابينا ??جلاس ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي، ڪجهه ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽريز کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن جا تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا، پينشن ۽ حج فنڊ قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا پي ٽي وي ملازمن لاءِ لازمي سروسز ايڪٽ 1953ع جي نفاذ جي منظوري ڏني، نواز شريف جي دور ۾ اهليت ۽ قابليت جي معيار صرف درٻاري هئڻ هو، نواز شريف جي قابليت پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ عوام کي انڌيري ۾ رکڻ جي هئي، مل?? لاءِ هر ايندڙ سٺي خبر مخالف ڌر لاءِ بري خبر هوندي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا ??جلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ دوران ڪيو.