اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر ج??ترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌ?? جيل ويندا، رستن تي نڪري عمران خان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ ناڪام ٿيندا، مخالف ڌر ج?? مسئلو جمهوريت ناهي ڪرپشن بچائڻ آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ان لاءِ مخالف ڌر کي حڪومت ڪيرائڻ جي جلدي آهي، ڪجهه عنصر سمجهن ٿا ته انهن جي مرضي جيڪو ڪن ۽ انهن کان ڪير به پڇي نٿو سگهي، بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ فيفٽ جي حوالي سان قانونسازي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، نواز شريف ٻاهر وڃڻ لاءِ منٿن جو رستو اختيار ڪيو، اهي ماڻهو ڀارت جو ايجنڊا کڻي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، نواز شريف پاڪ فوج کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو، فوج تي اڱريو?? کڻندڙن کان پڇان ٿو ته مون کي فوج کان ڇو ڪو مسئلو نه آهي، دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج تي فخر هجڻ گهرجي، ڪو به ملڪ قانون جي بالادستي کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، وڪيلن کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائرز فورم جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.