لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر ح??ين دراني چيو آهي ته علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذريعي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا ??يٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڌ??ين جي مشاورت سان ريفارمز پئ??يج متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن پي آءِ ڊي آفيس لاهور جو دورو ڪيو ته جيئن علائقائي پريس جي بنيادي مسئلن کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي.