اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪم??ٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽ??ڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاء?? جاري مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽ??ڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات جي لاءِ نظام الاوقات جوڙڻ ??ي حوالي سان واپار واري وزارت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي و??ي آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني و??ي آهي. اقتصادي رابطا ڪم??ٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.