اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم اسلاموفوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، ملڪي تشخص کي اجاگر ڪر?? سميت حڪومتي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو آهي ان جي وقار جي ??حالي اولين ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ۾ پي ٽي وي جنرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جا ناظرين واپس آڻڻ پي ٽي وي جي س??ورن چئنلن جي ??ولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي س??ارا ۽ پوئتي پيل طبقن جي لاءِ احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، لنگر خانا ۽ پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ماضي جي ??ڪومتن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي ??والي سان آگاهي پيدا ڪر??ي آهي.