اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالم سڳورا گذريل 14 سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان خدا ۽ ان جي رسول ﷺ جو پيغام عوام تا??ين پهچائي رهيا آهن، اسلام جي بقا منبر ۽ محراب سان ڳنڍيل آ??ي، اهم سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ۽ موضوعن تي عوام جي رهنمائي عالم سڳورن جو فرض آ??ي، عالم سڳورا، ميڊيا، سول سوس??ئٽ??، حڪومت ۽ خاص طور تي اين سي او سي جي جامع پاليسي جي نتيجي ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو بهتر مقابلو ڪيو آ??ي، ڪورونا وائرس جهڙي وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قرآني تعليم کان عوام جي آگاهي عالمن جو فرض آهي. منبر ۽ محراب تان بهترين ڳالهين جي تلقين جي ضرورت آ??ي، ڪورونا ويڪسين جي تياري ۽ ان ۾ شامل جزن جي باري ۾ عالم سڳورا مطئمن آهن، هن پاڻ به ويڪسين لڳرائي آهي ۽ 4 جون 2021ع جي جمعي جي خطبن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان تحفظ لاءِ ويڪسين جي اهميت ۽ ضرورت جي باري ۾ عوام کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي عالم سڳورن جي ويڊيو لنڪ جي ذريعي منعقد اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي اهميت ۽ ان جي باري ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان محراب ۽ منبر جي ڪردار جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي.