اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري جي پيڙهيل ط??قي ج?? مدد لاءِ ڏورانهن علائقن تائين پاڪستان بيت المال جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏي??دي چيو آهي ته بيواهن، يتيمن، لاچار عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مال?? مدد جي لاءِ غربت ۾ ورتل علائقن تي ڌيان ڏنو وڃي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ پاڪستان بيت المال جي حوا??ي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو.