اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي سوشل ميڊيا ڊيسڪ ۽ انڊرائڊ ايپليڪيشن باضابطا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اي پي پي ملڪ جي مثبت تشخص جي فروغ، حڪومت جي عوامي ۽ ڀلائي وارن منصوبن، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، اسپورٽس، ڪلچر سميت ٻين شعبن جي حوالي سان قدمن کي عوام تائين بهتر انداز ۾ پهچائڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اي پي پي پاڪستان جي 70 سالا تقريبن جي حوالي سان پنهنجي آرڪائيو ۾ موجود مواد کي نشر ۽ شايع ڪري ته جيئن عوام خاص طور تي اسان جي مجموعي آبادي جا 62 سيڪڙو نوجوان حقيقتن کان بهتر انداز ۾ آگاهه ٿي سگهن. هو قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪري رهي هئي.