اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين ت?? سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شين جي گهرج ۽ ضرورتن ت?? اهو پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفطر کانپوءِ به 5 ضروري شين ت?? سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌيڪ يوٽي??ٽي اسٽورن ت?? اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانورن سميت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يوٽي??ٽي اسٽورز تي شين جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس ر??شن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌيڪ 500 يوٽي??ٽي اسٽورز کوليا ويندا، يوٽي??ٽي اسٽورز وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.