اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورنا وائرس جي صورتحال کي ڏسند?? نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وڌائڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي بدلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ شدت پيدا ٿ??ي ٿي ته ان کان به وڌيڪ ??خت هدايتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي، ڪورونا وائرس جي جيڪا صورتحال هلي رهي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماه??ن جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.