اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي سان گڏ ڪچي آبادين کي ترقي يا??ته علائقن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ا??ار?? انهن علائقن جي ترقي ل??ءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين، انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل ل??ءِ به طريقيڪار تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪچي آبادين بابت اجلاس جي ص??ار?? ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جمشيد ڪوارٽراز، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ ريلوي ڪچي آبادين جي ترقي ۽ انهن جي رهواسين کي متبادل انتظامن جي فراهمي جي سلسلي ۾ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ا??ار?? انهن علائقن جي ترقي جي ل??ءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين. انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل ل??ءِ پڻ طريقيڪار تيار ڪيو وڃي.