اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪ فضائيه جي شهيد نوجوان هواباز راشد منهاس کي سندس يوم شهادت جي موقعي تي خراج عقي??ت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم سندس وطن جي لاءِ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوجو??ن پائليٽ آفيسر راشد منهاس ج?? يوم شهادت تي قوم کيس خراج عقي??ت پيش ڪري ٿي، اطلاعات واري وزير چيو ته جوان عمري ۾ ئي وطن عزيز تي جان نڇاور ڪري هن پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا شعاري جي روشن تاريخ لکي آهي، هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت ??ي لاءِ بي مثال قربانيون پيش ڪيون.