اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخو??هه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??ند??، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين راب??ا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ??ند?? چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخو??هه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخو??هه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخو??هه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??ند??، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقا??ي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخو??هه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخو??هه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.