اسلام آ??اد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ عوام جي بنيادي ضرورت آهي تنهن ڪري انهن جي دستيابي ۽ مناسب قيمت کي يقيني بڻايو وڃي. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال، نجي ۽ سرڪاري سطح تي ڪ??ي ويندڙ درآمد ۾ هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪ??ي وئي.