اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته استاد جو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي، تدريس اهو مقدس پيشو آهي جيڪو الله تعاليٰ پنهنجي نبين کي انسانيت جي ڀلائي ل??ءِ عطا ڪيو. خاتم النبين حضرت محمد ﷺاستادن جي عزت ۽ احترام کي ل??زمي قرار ڏنو آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر س??ل 5 آڪٽوبر تي گڏيل ق??من جي اهتمام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي.