اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آه?? ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن، فاٽا ۾ سڌارا علائقي جي عوام جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آه?? ۽ اهو نيشنل ايڪشن پلان جو لازمي جز آه??، فاٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي علائقي جي عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ فاٽا سڌارا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته فاٽا ۾ سڌارن جو مقصد ملڪ جي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيل علائقن کي مرڪز?? ڌارا ۾ آڻڻ آه??. هن چيو ته فاٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن موجب ڪيو ويندو. فاٽا جي عوام امن ۽ جنگ جي زماني ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏيندي اسان جي قومي ڪاز جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آه??.