اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??لاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي ادارا معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن، ماضي وانگر ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين، حڪومت ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ۽ قدم کنيا آهن، ادارن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي خودمختياري ڏني وئي آهي، گذريل 5 مه??نن ۾ اقتصادي محاذ تي اهم ڪاميابي ملي آهي، هلندڙ مه??ني ۾ روانگي واپ??ر ۾ 10 سي??ڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سي??ڙو گهٽتائي ٿي آهي، مالياتي خساري ??ي ضابطو آندو ويو، مالياتي خساري ??ي نه رڳو ضابطو آندو ويو پر وياج جي ادائيگي کي ڪڍيو وڃي ته اهو سرپلس ۾ اچي وڃي ٿو، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام اچي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??لاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته گذريل 5 مه??نن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سي??ڙو گهٽتائي ٿي آهي.