اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير ??رتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير ??مين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پاڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽ??ز جي دوري جي موقعي تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.