اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اي پي پي ۾ ڏور رس سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن، اي پي پي ويب ٽي وي جي سيٽلائيٽ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ پيمرا سا?? ڳالهيون هلي ر??يون آهن، هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اي پي پي ٽي وي کي سگهه ڏيڻ، نئين سروسز متعارف ڪرائڻ، سوشل ميڊيا، گلوبل ريچ ۽ مارڪيٽنگ بابت نوان منصوبا آندا پيا وڃن جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ر??زاني ايشيئن نيوز جي بندش، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ سجاد ترين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملو ايندڙ اجلاس ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلا?? ڪميٽي جي ميمبر چوڌري نديم عباس ربيره جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو.