اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن 10 سالن ۾ پا??ستان جو قرض 6 ارب کان 30 ارب تائين پهچا??و ۽ سڀ ادارا بئنڪ ڪرپٽ ڪري ڇڏيا، اسان ٻن سالن ۾ 20 ارب ڊالر قرض واپس ڪي?? آهي، 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ پنج مهينن کان سرپلس آهي، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ روانگي واپار وڌيو آهي، ڪو بيوقوف ئي هوندو جنهن کي اها خبر نه هوندي ته ملڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن، ٻاهر ويهي اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ادارن جي اندروني حالت ڪهڙي آهي، پا??ستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلن جا جيڪي به حل آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ۽ مشڪل آهن، 2008ع کان 2018ع تائين پا??ستان تي چئوڻو قرض چڙهي ويو، گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، منهنجو تياري بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪي?? ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڪي??، هن چيو ته مون کي ملڪي حالتن جي خبر هئي، وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين مون ڪيترائي انٽرويو ڏنا ۽ اهو چيو ته پا??ستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، مسئلا جيڪي به آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ۽ مشڪل آهن، هن چيو ته 2008ع کان 2018ع تائين پا??ستان تي چار ڀيرا وڌيڪ قرض چڙهي ويو، گهر تي قرض ان لاءِ چڙهندو آهي ته آمدني گهٽ ۽ خرچا وڌيڪ هوندا آهن. گهر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، گهر تي قرض چڙهي ته خرچا گهٽ ڪيا ويندا آهن، خرچ گهٽ ڪريون ٿا ته گهر هلائڻ ۾ مشڪلات ايندي آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي جڏهن قرض چڙهي ويندو آهي ته ان جي انهن حالتن مان گذرڻو پوندو آهي.