اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ا??ارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ا??لاس کي خ??اب ڪري رهيو هو. سينيٽ ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ا??لاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي ا??تهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي ا??پورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي مع??مل?? جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.