لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو شمار انهن مل??ن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي گلوبل ??ارمنگ جا شديد خطرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، مخالف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا وبا ۽ پاڻي جي ورڇ جي معا??لي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اسيمبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته هو مل??ي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعم??ل ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.