اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان تعلق نه آهي، سوشل ميڊيا تي نفر?? پکيڙيندڙ مواد سان انسانن کي ورهايو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ عالمي اڳواڻ صورتحال جي سنگيني جو احساس ۽ نفر?? پکيڙيندر ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ??ارروائي ڪن، سوشل ميڊيا جي ذريعي نفر?? پکيڙڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي، ڏاڙهي ۽ حجاب کي لبرل ڊيموڪريسي ۾ ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.