اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 50 ??ال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته 4 هفتا اڳ 50 سال ک??ن وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائي هئي ۽ هاڻي اها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 50 ??ال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائر?? کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، مهرباني ڪري خاص طور تي ان عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.