اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افعانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران، عالمي برادري جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صدر پيٽر مور??ي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عالمي سطح تي مدد جي فراهمي جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان افغانستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران عالمي برادري جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر افغانين ۾ اعتماد سازي ??اء?? بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي پيش نظر افغانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت سر امداد جي برابر ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صدر کي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي مدد جي فراهمي ??اء?? پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.