لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪ??تا??ين کان 30 ارب ڊالر جو مٽاس??ا جو ناڻو ملڪ آيو، افغان??تا?? جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي، افغان عوام کي اڄ مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي، هو”پاڪ??تا?? هائوس لنڊن“ ۾ برطانيه جي پاڪ??تا??ي ڪميونٽي کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن کي چوندس ته هو افغان??تا?? جي مسئلي کي پارليامينٽ ۾ ضرور اجاگر ڪن، افغان??تا?? ۾ عدم استحڪام توهان کي نظر اچي رهيو آهي اهو اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري آهي. هن چيو ته افغان??تا?? جي 34 صوبن ۾ طالبان کي ڪنهن مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو، تاشقند ۾ اشرف غني پاڪ??تا?? تي هروڀرو الزام لاڳايا ۽ پاڪ??تا?? کي صورتحال جي خرابي جو ذميدار قرار ڏنو، نائين اليون کانپوءِ اسان کان تقاضا ڪئي وئي ۽ اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اتحادي بڻجون، اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اسان کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان کڻڻو پيو، هن چيو ته اسان افغان??تا?? جي صورتحال جي حوالي سان حقيقتن کي دنيا جي سامهون رکيو، پرڏيهي وزير عالمي برادري کي چيو ته هو افغان??تا?? کي اڪليو نه ڇڏي، افغان??تا?? ۾ هڪ انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي جيڪڏهن ان جو فوري ازالو نه ڪيوويو ته پناهگيرن جي يلغار کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هن افغان??تا?? ۾ عورتن کي برقي بنا ڪابل جي رستن تي ڏٺو آهي ۽ ٻارڙين کي اسڪول ويندي ڏٺو آهي ۽ منهنجي ڄاڻ موجب اڄ افغان??تا?? جي اندر امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اسان افغان شهرين جي مدد ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير عالمي برادري کي چيو ته هو افغانين جي انساني بنيادن تي مدد ڪن ۽ ۽ افغان??تا?? جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي، اڄ کين مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي. اڄ جيڪڏهن عالمي برادري هٿ پوئتي ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهه ڪارين جو ذميدار ڪري هوندو؟. پرڏيهي وزير چيو ته افغان??تا?? ۾ قائم ڪرڻ گڏيل ذميداري آهي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ٻن سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام بدترين ڀارتي گهيراءُ کي منهن ڏئي رهي آهي، سيد علي گيلاني جي مڙهه جي بي حرمتي ڪئي وئي، انساني حقن جي ڪوڙن چيمپيئنز ان جي خواهش موجب تدفين جي اجازت تائين نه ڏني. هن چيو ته ٺوس ثبوتن سان اسان 131 صحفن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو جنهن ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ثبوت آهن. پاڪ??تا??ي برطانوي ڪميونٽي پاڪ??تا?? جي آواز کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته برطانوي پاڪ??تا??ين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻٽي شهريت جي پابندي کي ختم ڪيو وڃي ??ه جيئن وڌيڪ تجربيڪار ماڻهو پاڪ??تا?? جي پارليامينٽ ۾ اچن، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪ??تا??ين کان 30 ارب ڊالر جو مٽاس??ا جو ناڻو ملڪ آيو، هن چيو ته هلندڙ سال اسان 40 سالن کان گهٽ عمر جي ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪامياب پاڪ??تا??ين جي حوصلا افزائي جو فيصلو ڪيو آهي.