اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻن دورن ۾ ڪرپشن کي قانوني طريقي سان تحفظ فراهم ڪيو ويو، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، عين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا، ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۽ ڪمزور معيشت جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي، (ن) ليگ رستن جي تعمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، وزيراعظم عمران خان سدائين چوندو رهيو آهي ته اسان کي مافيا آڏو آهي، هي اها مافيا آهي جنهن جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، عمران خان رستن جي خلاف نه آهي، ڪرپشن جي خلاف آهي، (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي، 1947ع کان 2008ع تائين پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو جنهن کي آصف زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، جڏهن اسان قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو رت نچوڙيو ويو، اڄ جيڪي ماڻهو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن انهن جي ڪري ئي پاڪستان جي عوام کي مشڪلاتون درپيش آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته 4 ڊسمبر 2002ع تي ڊان اخبار ۾ هڪ خبر شايع ٿي جنهن ۾ چيو و??و ته اسلام آباد موٽروي جي لاڳت 60 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن چ??و ته موٽروي جي ڪل آمدني 45 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته 60 ارب ڊالر جي اها موٽروي ٺهي. هن چ??و ته عمران خان رستن جي خلاف نه آهي، هو ڪرپشن جي خلاف آهي جيڪا رستن جي نالي تي ڪئي وڃي ٿي. هن چ??و ته (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، عين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا. هن چ??و ته بدقسمتي سان ڦر??ٽ جي ذريعي حاصل ڪيل پئسو ملڪ ۾ به نه لڳايو، اهو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته موٽروي تي ڊائيو ڪمپني کي رڳو 2 ارب ڊالر اسان وياج جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چ??و ته موٽروي ضرور ٺهڻ گهرجي، رستن کانسواءِ ترقي جو تصور ئي نه آهي پر (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ رستن جي آڙ ۾ ڪرپشن جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن جي ڪري ملڪي معيشت ڪمزور ٿي. هن چ??و ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ميمبر گڏجي ڪرپشن ڪندا ته پوءِ قومون تباهه ٿينديون آهن. چوڌري فواد حسين چ??و ته 1947ع کان 2008ع تائين 65 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين ان قرض کي 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، اسان ٽن سالن دوران 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو. هن چ??و ته اسان جڏهن به اڳوڻن دورن جا بجلي، رستن يا ترقي جا منصوبا ڏسون ٿا ته ڪرپشن جو هڪ پهاڙ سامهون اچي ٿو، شريف فيملي ۽ زرداري فيملي پاڪستان مان ڦر??ل دولت ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪئي، شهباز شريف تي 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، اها رقم شهباز شريف جي ملازمن جي اڪائونٽس مان انهن کي منتقل ڪئي وئي، هي اهي ڪيس آهن جن ۾ ڦر??ل رقم جي اسان کي خبر آهي، ان کانسواءِ ڦر??ل رقم جي اسان وٽ معلومات نه آهي. هن چ??و ته جڏهن اسان قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام جو رت نچوڙيو ويو. (ن) ليگ رستن جي تعمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، اها ئي اها مافيا آهي جنهن جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، اڄ پيٽرول، ڀاڄيون، داليون مهانگيون ٿيڻ جو سبب اها ئي ڪرپشن آهي. هڪ سوال ??ي جواب ۾ هن چ??و ته (ن) ليگ قانوني طريقي سان ڪرپشن کي تحفظ ڏنو، انهن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن موٽروي جو معاهدو ڪ??و ته انهي وقت هنڊي ذريعي ايون فيلڊ اپارتمينٽس خريد ڪرڻ جي لاءِ رقم ٻاهرئين ملڪ موڪلي وئي، اسان ان ڪيس کي ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال ??ي جواب ۾ هن چ??و ته جنهن ملڪ جي مجموعي بجيٽ جو سڀ کان وڏو خرچ قرضن جي واپسي هجي ته ان ملڪ ۾ مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. چوڌري فواد حسين چ??و ته ملڪ ۾ تيل درآمد ٿئي ٿو، ان جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آهن، جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ملڪ جي اندر قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان تي سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي پر جيڪڏهن ملڪ تي قرضن جو بار هجي ته سبسڊي ڏيڻ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون. هن چ??و ته نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ ڳوڙها ڳارين ٿا ته ڦرجي وياسين مري وياسين، انهن جي ڪري ئي اڄ مهانگائي آهي، واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان ۾ اڄ عوام کي مشڪل صورتحال ??رپيش آهي.