اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ??ائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد عمير شرجيل انعام ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چو??ايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب محمد عمير کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب اڳوڻي اسسٽنٽ ??ائريڪٽر نيب چيئرمين جي سروس مان ڪڍڻ جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران محمد عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبار سان نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ??افي نه آهي، نيب محمد عمير جي خلاف قانون جي آخري حد تائين ڪارروائي ڪري، محمد عمير اهم ڪاغذن جو واحد ??گران هو، اسٽيل جي الماري مان ڪاغذ چو??ي ٿيا، الماري تائين رسائي صرف محمد عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، عين وقت تي عدالت کي ڪاغذات چو??ي هجڻ جو ٻڌايو ويو جنهن جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، صدر چيو ته نيب جي تحويل مان اصل ڪاغذن جي چو??ي هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادارن کي دوکو ڏنو ويو، پاڪستان کي ڪرپٽ لٽيرن جي ڪري شديد نقصان کڻڻو پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وينديون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪاغذات چو??ي ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڪاغذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻ?? واڻي چو??ايا، فائل مان صرف ضروري ڪاغذ چو??ي ٿيا، باقي سڀ ڪاغذ موجود رهيا، چو??ي ڪو ٻاهر جو ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آهي، ان مجرماڻي فعل جي ڪري قوم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب اڳوڻي آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.