اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم پارٽي قيادت کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت مهانگائي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم وچولي طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ حڪومت پا??ان ڪڻڪ جاري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا ??ڌيڪ مهانگو آهي، هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار ٿيڻ جي اميد آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اٽي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت ۾ به وڌيڪ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??حريڪ انصاف ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ پاڪستان ??حريڪ انصاف ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي حوالي سان ??ڀ کان ??هم موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پارٽي ليڊرشپ کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مقامي حڪومتن جي چونڊن جي تياري جي لاءِ شهرن ۽ ضلعن ۾ شيڊيول جاري ڪيا ??ڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان ??ڳ وزيراعظم احساس پروگرام جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين زوم ذريعي جڏهن ته احساس پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ناڻي وارنوزيرن سميت چيف سيڪريٽرين ۽ سينئر بيورو ڪريٽس شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم وولي طبقي کي ريليف جي فراهمي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ تيار آهن. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان ??ه ان ??بسڊي اسڪيم ۾ حصيدار بڻجن. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ان ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته سنڌ حڪومت پا??ان ڪنڪ جاري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا ??ڌيڪ مهانگو آهي. هن چيو ته اسان ??نڌ حڪومت تي مسلسل زور ڏئي رهيا آهيون ته ڪڻڪ جي ريليز کي وڌايو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ اٽي جي قيمت گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار متوقع آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اٽي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته دالين، ڀاڄين، کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ??هي. جيڪڏهن اهو رجحان ??رقرار رهيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ ڪجهه ريليف ملندو، حڪومت مهانگائي جي مسئلي جي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ وڏن پروگرامن جو اعلان ڪندو.