اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن ??لم??ن جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيرا??ظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيرا??ظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيرا??ظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن ??لم??ن بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيرا??ظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ و??يڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيرا??ظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان و??يڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وزيرا??ظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي و??يڪ فروغ ملندو.